استاد حيدري

استاد حيدري

استاد حيدري

استاد حيدري: استاد حيدري جو اصل نالو محمد مٺل چانڊيو آهي. هن 10 اپريل 1936ع تي، سڌوجا ڀرسان سعيدي پير، تعلقي موري ۾ خدا بخش چانڊيي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ سنڌي فائنل، اديب سنڌي، اديب عالم ۽ اديب فاضل جا امتحان پاس ڪري، 1987ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن کي لکڻ پڙهڻ جو شروع کان ئي شوق هو ۽ هن عبرت اخبار کان صحافت شروع ڪئي، ان سان گڏ اخبار ۾ ڪالم لکڻ لڳو. استاد حيدري قومي تحريڪ سان آخري وقت تائين لاڳاپيل رهيو ۽ جي.ايم سيد ۽ عبدالواحد آريسر کي گهڻو ويجهو رهيو ۽ انھن جي يادگيرين کي سميٽي هن ”ساٿي نه پسان سي“ جي نالي سان ڪتاب لکيو، جيڪو سنجها پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپيو. ان کان علاوه ”شاهه ۽ سچل جا سنيھا“، ”شاهه جون سورميون“، ”منھنجي من اندر جون ڳالهيون“ (آتم ڪٿا)، ”سُتا اُٿي جاڳ“ ۽ ”شاهه سنڌ جو ساهه“ ڪتاب ڇپيل آهن. هن 4 جون 2022ع تي ڳوٺ حيدري چانڊئي، نوان جتوئي ۾ وفات ڪئي، کيس پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو


لفظ استاد حيدريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.04.10  عيسوي

استاد حيدري جو اصل نالو محمد مٺل چانڊيو آهي. هن 10 اپريل 1936ع تي، سڌوجا ڀرسان سعيدي پير، تعلقي موري ۾ خدا بخش چانڊيي جي گهر ۾ جنم ورتو.


2022.06.04  عيسوي

استاد حيدري 4 جون 2022ع تي ڳوٺ حيدري چانڊئي، نوان جتوئي ۾ وفات ڪئي، کيس پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انيلا ابڙو
عباس ڪوريجو
ٽالسٽاء
ڄام اوڍر سمو
پرسرام پارو مل
روپلو ڪولهي
لالسنگهه اجواڻي
حبيب الله ڪلهوڙو
پير بخش خاصخيلي
ضياء الدين ضياء
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون